لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول بشريٰ بي بي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف مينٽل هيلٿ لاهور جو دورو ڪيو، خاتون اول ان موقعي تي ايمرجنسي وارڊ سميت اسپتال ??ي ٻين شعبن جو دورو ڪيو ۽ اتي ذهني مرض ۾ مبتلا مريضن کي ڏن?? سهولتن جو جائزو ورتو ?? مريضن جي عيادت به ڪئي، اسپتال انتظاميه خاتون اول کي مريضن کي ڏن?? سهولتن بابت بريفنگ ڏن??، ان موقعي تي خاتون اول چيف ايگزيڪيٽو ڊاڪٽر اشرف سان مريضن کي ڏن?? سهولتن ۽ کاڌي پتي جي سهولتن بابت معلومات حاصل ڪئي، خاتون اول اسپتال ۾ ٺهيل بورچي خاني جو به دورو ڪيو ?? مريضن کي ڏن?? ويندڙ کاڌي جي معيار جو به جائزو ورتو، هن اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي علاج جي بهترين سهولتن سان گڏوگڏ کاڌي جي معيار کي وڌيڪ بهتر بنايو وڇي، هن انسٽيٽِيوٽ کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي، هن اسپتال انتظاميه کان پڇيو ته ڇا انسٽيٽيوٽ ۾ ڏن??ون ويندڙ سهولتن مان مريض مطئمن آهن ۽ توهان ڪهڙي طرح ان کي وڌيڪ بهتر ٺاهي سگهو ٿا ان حوالي سان هن انتظاميه کي هدايتون ڏن??ون ته مريضن کي بهترين سهولتون ڏيڻ جي حوالي سان تحريري طور تي پنهنجون تجويزون فراهم ڪن، اسپتال انتظاميه خاتون اول کي ٻڌايو ته مريضن کي ناشتو، ٻنپهرن جو کاڌو، ميوا، شام جي چانهه، رات جي ماني ۽ ٻيون نيوٽريشن ڏن??ون وينديون آهن ته جيئن انهن جي ذهني صحت کي مستحڪم بڻائي سگهجي، اسپتال انتظاميه ٻڌايو ته ايندڙ سال جون کان اڳ اسپتال ۾ شروع ڪيل منصوبا جن ۾ بلڊنگس جي تعمير سميت ٻيا منصوبا شامل آهن مڪمل ڪيا ويندا، هن اسپتال انتظاميه کي ڊرگس جي عادي مريضن جي بحالي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. خاتون اول اسپتال ۾ ذهني مريضن لاءِ قائم ڪيل مختلف بلاڪن جو به دورو ڪيو ۽ اتي انهن کي ڏن?? ويندڙ علاج جي سهولتن جي مڪمل معلومات حاصل ڪئي، ان موقعي تي هن انسٽيٽيوٽ آف مينل هيلٿ ۾ ٻوٽو به لڳايو.