دبئي – 09 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪستان دنيا ۾ هڪ خوشحال مل?? طور اڀري رهيو آهي، ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستاني پاڪستان ۾ محفوظ سيڙپڪار پاليسين مان فائدو کڻن. ٻاهرئين مل?? رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ ”روشن پنهنجو گهر“ قدم جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پ??ڪستان دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان پنجون وڏو مل?? آهي، جنهن مختلف شعبن ۾ ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ هدف رکيا آهن. هن چيو ته نه رڳو وسيلن پر ويزن ۽ صحيح پاليسين جو ڪنهن جي ترقي ۾ نمايان ڪردار آهي. مون کي اها قوي اميد آهي ته پ??ڪستان پنهنجي ترقي پسند پاليسين جي ڪري دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪندو. صدر چيو ته پ??ڪستاني قوم دهشتگردي ۽ ڪورونا وائرس جهڙن وڏن چئلينجز تي ضابطو آڻڻ کانپوءِ لچڪدار ق??م طور اڀري آهي. واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پ??ڪستاني معيشت حوصلي جوڳي معاشي انگن اکرن سان صحيح رستي تي گامزن آهي. روانگي واپار ۽ زرعي شعبي ۾ نمايان ترقي ٿي رهي آهي. حڪومت جي موثر پاليسين جي ڪري پاڪستان جي پائيدار ترقي عوامي مفاد ۾ جاري رهندي.