اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان ??ڏن شهرن جي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون ڇو ته وڏا شهر قومي معيشت جي ترقي جو حقيقي محرڪ آهن، لاڳاپيل عملدار ??ڏن شهرن جي ترقياتي اس??يمن جي رستي ۾ ايندڙ ڪاوٽون ختم ڪن. هو ??ڏن شهرن جي منصوبابندي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. هن چيو ته ٻهراڙي جي علائقن کان شهري علائقن ۾ آبادڪاري جي ڪري ??ڏن شهرن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن انهن ۾ هائوسنگ، ملازمتن جا موقعا ۽ شهري ضرورتن کي کوٽ ٿي رهي آهي تنهن ڪري اهو ضروري آهي ته ??ڏن شهرن جي لاءِ خصوصي ترقياتي پيڪيج تي ڪم جي رفتار تيز ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ??ڏن شهرن جي رهواسين کي وڌ کان وڌ رليف پهچائڻ لاءِ مختلف ترقياتي اس??يمن جي تڪميل جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم يقيني بڻائين. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، راولپنڊي ?? گوجرانوالا جهڙن ??ڏن شهرن جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ گڏيل رابطا رکن ۽ جامع مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، صنعت واري وزير مخدوم خسرو بختيار، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب ??ي گورنر چوڌري محمد سرور، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، پنجاب ??ي وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.