بيجنگ – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جو ??م?? ۽ ??ستحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جو فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جي سڀني ڪوششن جي ڪاميابي افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، اهڙن خيالن جو ??ظهار هن چين ۾ ٿيندڙ ٽه ڌرئي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون سڀ کان پهرين اڄ جي هن ٽه ڌرئي گڏجاڻي جو ??هتمام ڪرڻ تي اسٽيٽ ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جو ٿورو ادا ڪريان ٿو، اسان جي اها گڏجاڻي ڪيترن ئي سببن جي ڪري اهم آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان ۽ چين کي افغان عملدارن سان پنهنجي موقف جو ??صيدار ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي آهي، اهو افغان ڌر کي ٻڌئڻ جو ??ه موقعو ڏي ٿي، اهو اجلاس پاڪستان ۽ چين ٻنهي کي افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي اجلاس لاءِ رابطاڪاري ۾ مدد ڏيندو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي لاءِ هڪ مستحڪم، پرام?? ۽ ??وشحال افغانستان جي حوالي سان اسٽيٽ ڪائونسلر وانگ يي جي ريمارڪس جو ورجاءُ ڪرڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته افغانستان ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام جي واپسي جو پاڪستان کان وڌيڪ ڪو ملڪ خواهشمند نه آهي، خطي جو ??م?? ۽ ??ستحڪام افغانستان ۾ استحڪام سان جڙيل آهي، واپار ۽ رابطن جي فروغ، سرحدن تي سهولتڪاري ۽ دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ڪاميابي لاءِ اسان جون سڀئي ڪوششون جيڪڏهن افغانستان ۾ استحڪام نٿيون آڻي سگهن ته ان کي ڪاميابي نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻطرفي ۽ اهم علائقائي ملڪن جي حمايت سان پنهنجو ڪردار جاري رکيو آهي، افغانستان ۾ انساني صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو ??ير معمولي اجلاس افعانستان جي حمايت ۾ عالم?? برادري کي جمع ڪرڻ جو هڪ ڪامياب موقعو هو. افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جو ڪالهه ٿيڻ وارو اجلاس افعانستان تي هڪجهڙي علائقائي موقف لاءِ انتهائي اهم آهي، اسان عالم?? برادري خاص طور پاڙيسرين پاران افغانستان کي ڏيڻ واري حمايت کي ساراهيون ٿا، اسان سمجهون ٿا ته اسان کي افغان عملدار?? ۽ ??الم?? برادري ٻنهي سان تمام گهڻو ڪجهه گهربل آهي، عالم?? برادري رابطن جي اڳين مرحلي ?? افغان عملدارن طرف ڏسي رهي آهي، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ معاشي تباهي اڃان تائين ختم ناهي ٿي، دهشتگردي جو ??طرو هاڻي پهرين کان ب?? وڌيڪ آهي، پرڏيهي وزير چيو ته انهن حالتن ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن بابت افغان عملدارن جي تازي فيصلي تي عالم?? برادري جي ڳڻتي فضول نه آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته افغان عملدار پنهنجي پهرين ڪيل اعلانن تي عملدرآمد ڪندا ۽ عالم?? برادري سان گڏ رابطن کي مضبوط ڪندا. آئون افغان وفد کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي حمايت ۾ آواز بلند ڪندو رهندو. پاڪستان، عالم?? برادري تي به زور ڏيندو رهندو ته هو ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ره?? ۽ ??نفرااسٽرڪچر جي ترقي لاءِ اضافي طريقن تي به غور ڪن، چين سان گڏجي اسان خطي ۾ ام?? ۽ ??ستحڪام لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، اسان کي اميد آهي ته افغان عملدار هڪ پرامن دوست آهن ۽ مستحڪم افغانستان جي گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻيندا رهندا.