اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪندي رهندي ۽ ا?? جا مسئلا حل ڪندي، اڳوڻي حڪومت اوچتو پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي ته ڏني پر ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا، پهريون رمضان جو مهينو آيو آهي جنهن ۾ اٽي تي ڪا سبسڊي نه ڏني وئي، اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه وجهُون ان لاءِ ??وگ??ا جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪس??ان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي قيادت ۽ پارليامينٽ ميمبرن جي مان ۾ منعقد افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن آئل اينڊ اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (??وگ??ا) جي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 21 رپيا ۽ ٻين پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 50 رپيا اضافي جي سمري رد ڪندي ??يو ته حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪندي رهندي. هن ??يو ته گذريل حڪومت اوچتو پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي جو ??علان ڪيو ۽ ريليف جي لاءِ مالي وسيلا نه رکيا. هن ??يو ته اسان ماڻهن تي وڌيڪ بار نه ٿا وجهي سگهون. وزيراعظم ??يو ته پهريون رمضان جو مهينو آهي جنهن ۾ گذريل حڪومت اٽي تي به سبسڊي نه ڏني. وزيراعظم ??يو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت حقيقتون عوام آڏو رکنداسين. هن ان عزم جو ??ظهار ڪيو ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندي رهندي ۽ ا?? جا مسئلا حل ڪندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته مخالف ڌر اتحاد پنهنجي ڏينهن رات جي جدوجهد سان عمران احمد خان نيازي کي شڪست ڏني، حڪومت ۾ شامل پارٽين جو ??تحاد مشاورت سان اڳتي وڌندو. هن ??يو ته گذريل حڪومت جو ٺاهيل ڍانچو واريءَ جي ڀت وانگر ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چونڊجڻ تي اتحادي پارٽي?? جا ٿورا مڃيندي هن ??يو ته هو اتحادي پارٽين جي پارليامينٽ ميمبرن سان رابطي ۾ رهندو ۽ انهن جي تڪ?? جا مسئلا حل ڪندو. هن ??يو ته ڪابينا جي ميمبرن جي نالن جو ??علان ٻن مرحلن ۾ ڪيو ويندو، ڪابينا جي شروعاتي نالن جو ??علان جلد ڪيو ويندو جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪابينا جي وڌيڪ وزيرن جي نالن جو ??علان ڪيو ويندو. محمد شهباز شريف ??يو ته وزيراعظم هائوس کي پاڪس??ان هائوس ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ سمورن صوبن جي آفيسرن کي هتي خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو ملندو. هن ٻڌايو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم جي استعيفائن جي سمري صدر ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي. افطار ڊنر ۾ پي ڊي ايم ۽ حڪومتي اتحاد جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل، خالد مگسي، خالد مقبول صديقي، محمود خان اچڪزئي، محسن داوڙ، مريم اورنگزيب، احسن اقبال، شاهه زين بگٽي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.