اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي غير ر??سٽ??ڊ کنڊ جي ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ايف بي آر کي 60 ڏينهن ۾ جامع عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب ۾ جمع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن خريدارن ۽ غير ر??سٽ??ڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خريدار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، صدر چيو ته کنڊ جي غير ر??سٽ??ڊ خريدار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آهن، صدر ايف بي آر جي وفا??ي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. وفا??ي ٽيڪس محتسب پرائيويٽ ??وگ?? ملز کان کنڊ جي غير ر??سٽ??ڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ تحقيقات جو آغاز ڪيو هو، گذريل چئن سالن دوران ملز مختلف غير ر??سٽ??ڊ خريدارن کي 2.7 ارب روپين جي کنڊ فراهم ڪئي، صرف ٽن خريدارن وٽ قومي ٽيڪس نمبر هو، ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو، ??وگ?? ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ خريدارن جو رڪارڊ هوندو آهي، ايف بي آر ??وگ?? ملن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، محتسب چيف ڪمشنر، ايل ٽي او ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو غير ر??سٽ??ڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، ايف بي آر وفا??ي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي. صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير ر??سٽ??ڊ خريدارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس نه آهي، ايف بي آر ملز جي ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطمئن آهي، ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز ??وگ?? ملز جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري خريدارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ سنگين غفلت ۽ نااهلي بدانتظامي جي برابر آهي، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، صدر هدايت ڪئي ته ايف بي آر 60 ڏينهن ۾ وفا??ي ٽيڪس محتسب کي عملدرامد جي جامع رپورٽ پيش ڪري.