اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، فلسطين تي پاڪستان جي رياستي پاليسي واضح ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪا به پاليسي يا قدم نه ٿيندا، پاڪستان فلسطين جو مسئلو ۽ اسرائيل بابت پنهنجي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان عمل پيرا آهي، پرڏيهي وزارت واضح ڪري چڪي آهي ته پاڪستان مان ڪو به وفد اسرائيل ??اهي ويو. پنهنجي پاليسي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب فلسطينن جي خودمختياري واري حق جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته دنيا ٻن رياستي حل کي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن تصور ڪندي آهي، هن چيو ته 1967ع کان پهرين جي سرحدن، بيت المقدس، گادي وارو شهر ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ فلسطين رياست جو واعدو پورو ڪيو وڃي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والاريل ??لسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا پراڻا معاملا آهن، جنهن جو حل عالمي برادري جي ذميداري آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻي حل تائين دنيا ۾ پائيدار امن هڪ خواب ئي رهندو، هن چيو ته والاريل ??لسطين ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته سستي سياسي شه??يت لاءِ هر منفي قدم کڻندڙ قومي مفاد جو ته خيال ڪن، دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي برطرف ۽ آف ايئر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل اينڪر پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.