اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي عوام کي کاڄرو تيل جي ف??اهمي لاءِ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، انڊونيشيا پاڪستان کي پام آئل فوري ف??اهم ڪندو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن ک??ڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري ڏينهن پاڪستان روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي 10 جون تي انڊونيشيا جي صدر جو ڪو ويد ودو سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستاني وفد انڊونيشيا جو دورو ڪيو ۽ انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سان ڳالهيون ڪامياب ٿيون، کاڄرو تيل سان ڀريل 10 بحري جهاز ايندڙ ٻن هفتن ۾ انڊنيشيا ۽ ملائيشيا کان پاڪستان پهچندا، انڊونيشيا کان ڪل اڍائي لک ميٽرڪ ٽن ک??ڄرو تيل پاڪستان کي ف??اهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي صنعت ۽ پيداوار واري وزير سيد مرتضيٰ محمود انڊنيشيا جي هم منصب سان معاملا طئي ڪيا، پاڪستاني وفد جي درخواست تي انڊونيشيا جي واپار واري وزارت سڀني لاڳاپيل معاملن کي تيزي سان اڪلايو، 30 هزار ميٽرڪ ٽن ک??ڄرو تيل سان ڀريل پهريون بحري جهاز اڄ اڱاري تي پاڪستان روانو ٿيندو. انڊونيشيا جو دورو ڪندڙ وفد ۾ پاڪستان بناسپتي مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جو چيئرمين طارق الله صوفي ۽ تنظيم جو ميمبر رشيد جان محمد به شامل هئا.