اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر سڄي ملڪ ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جون ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ پلان جو جائزو ورتو. ان سلسلي ۾ هڪ اجلاس ٿيو ج??هن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو و??و ته ڊائمنڊ جوبلي جي جشن کي قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ ٻڌي جي فروغ جو يادگار موقعو بڻايو و??ندو. تقريبن ۾ سڄي ملڪ جي سمورين ثقافتن ۽ وفاق پاڪستان جي سمورن رنگن کي شامل ڪيو و??ندو. نوجوانن جي جشن آزادي تقريبن ۾ مقابلن ۾ ڀرپور شرڪت يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي 75 هين سالگ??هه جي حوالي سان سان تجويز ڪيل تقريبن ۽ تيارين جي انعقاد جو جائزو پڻ ورتو و??و. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر پاران 75 سالا تقريبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جشن آزادي جي موقعي تي نغمن جا مقابلا ۽ ان ۾ حصو و??ندڙن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو و??و. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته ملي نغمن جي مقابلن ۾ حصو و??ڻ جي تاريخ 30 جون مقرر ڪئي وئي هئي، پهرين کان 9 جولاءِ تائين مقابلن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي شارٽ لسٽ ڪيو و??ندو، شارٽ لسٽ ڪيلن کي اسلام آباد گهرايو و??ندو، مقابلا کٽيندڙ اميدوار جو ملي نغمو 11 کان 14 آگسٽ 2022ع تائين قومي نشرياتي رابطي تي نشر ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو و??و ته سڄي دنيا ۾ سمورن پاڪستاني سفارتخانن ۾ به 75 هين سالگ??هه جي حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ملڪ گير تقريبن جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وزير قومي تقريبن جون تياريون ڪندڙ ٽيمن ۽ ڊپارٽمينٽس جي جذبي کي ساراهيو.