ڪوئيٽا – 12 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وز??ر مير عبدالقدوس بزنجو آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ساده پر پروقار انداز ۾ منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ??ڄي بلوچستان ۾ پاڪستان جي 75 هين سالگرهه قومي جوش ۽ جذبي سان سادي ۽ پروقار طريقي سان ملهائي ويندي، وڏي وزير چيو ته هن وقت صوبو شديد برساتن جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهي، لکين متاثرين کي حڪومت ۽ معاشري جي سرندي وارن جي خاص ڌيان جي ضرورت آهي، حڪومت متاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته اسان هيليڪاپٽر ??اد??ي ۾ ٿيندڙ شهادتن جي ڏک مان اڃا تائين ٻاهر ناهيون نڪري سگهيا، ٻوڏ متاثرين ۽ شهيدن جي پونئيرن سان يڪجهتي جي ا??ها?? لاءِ آزادي جي ڏهاڙي کي روايتي جوش ۽ جذبي پر سادگي سان ملهايو ويندو.