اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حقي??ي آزادي جو م??لب بک ۽ غربت کان آزادي آهي، معاشي خودمختياري کانسواءِ ??سان جي آزادي نامڪمل آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جو قيام هڪ معجزو ۽ 20 هين صدي جي سڀ کان وڏي اڳڀرائي هئي جيڪا قائداعظم جي متحرڪ قيادت ۽ قربانين جي ڪري ممڪن ٿي. هن چيو ته مسلمانن کي يقينن تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هو پر انهن جو شڪست ڏيڻ جو عزم ان کان وڌيڪ مضبوط هو. وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان پنهنجي محنت سان حاصل ڪيل آزادي جو 75 هون جشن ملهائي رهيا آهيون، اسان کي غور فڪر ڪرڻ گهرجي ته اسان اڃا تائين ان خواب کي مڪمل طور تي پورو ناهي ڪيو جيڪو اسان جي بانين ڏٺو هو. ان ۾ سماجي ۽ اقتصادي انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ برابر معاشري جو خواب شامل هو. هن چيو ته وقت ا??ي ويو آهي ته قوم اهو سمجهي ته حقي??ي آزادي جو م??لب ڇا آهي. اهو بک ۽ غربت کان آزادي آهي. معاشي خودمختياري کانسواءِ ??سان جي آزادي نامڪمل آهي، اسان جي سڀ کان وڏي طاقت اسان جا ماڻهو آهن. هاڻي وقت ا??ي ويو آهي ته عوامي پاليسي جو م??ور انهن جي ڀلائي هجڻ گهرجي.