اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) ماسڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪستان جي يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي تقريب منعقد ڪئي وئي. روس ۾ پاڪستان جي سفير شفقت علي خان جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. ڊپٽي هيڊ آف ميشن رانا ثمر جاويد ۽ ٿرڊ سيڪريٽري محمد طيب صدر مملڪت ۽ وزيراعظم پاڪستان جو يوم آزادي جي حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو. تقريب ۾ ملي نغما به پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي خطاب ڪندي سفير چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري آئي آهي، روس سان لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ?? پاڪستان ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته روس سان لاڳاپا ??سان جي پرڏيهي پاليسي جو ترجيحي حصو آهي. هن چيو ته روس سان لاڳاپن جي هٿي ڏيڻ ?? اسان جي ڪميونٽي جو اهم ڪردار آهي. ان موقعي تي پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.