نيويارڪ – 24 – سيپ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شرڪت کانپوءِ آمريڪا کان لنڊن روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مني?? اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، قونصل جنرل عائشه علي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. وزيراعظم 20 کان 26 سيپ??مب?? تائين جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. ان کانسواءِ آمريڪي صدر جو بائيڊن سميت سڄي دنيا جي مملڪتي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون. هن جنرل اسيمبلي جي صدر سي سابا ڪوروسي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، آءِ ايف آئيز، عالمي ادارن ۽ عطيو ڪندڙ تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب، خاص معاون طارق فاطمي ۽ احد چيما پڻ گڏ هئا.