اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان عاصم افتخار احمد چيو آهي ته وز??راعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ جي تازي دوري دوران پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿ??ندڙ تباهي طرف عالمي اڳواڻن جو ڌيان ڇڪرايو، هن مختلف ملڪن جي سربراهن سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ موسمياتي تبديلي کي روڪڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي موسمياتي اثرن سان ٿ??ندڙ ت??اف?? جي لاءِ عالمي قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته فرانس ج?? صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، عالمي بئنڪ جي صدر ۽ ڪجهه ٻين اهم اڳواڻن بشمول آمريڪا جي موسمياتي تبديلي واري خصوصي ايلچي جان ڪيري پاڪستان ۾ عالمي حمايت کي متحرڪ ڪر?? ۾ مدد ڪر?? تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان چيو ته هڪ عالمي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي تي ڌيان ڏنو ويندو ۽ ان کان اڳ نقصانن ۽ ضرورتن جو جائزو وٺي هڪ ٺوس منصوبو تيار ٿي ويندو. هن چيو ته وز??راعظم جنرل اسيمبلي کي خطاب ۽ عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ عالمي برادري جي لاءِ ڳڻتي جي ڪيترن ئي ٻين مسئلن تي پڻ پاڪستان جي موقف جو خاڪو پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان چيو ته وز??راعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو ته اهو تڪرار پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب آهي. هن چيو ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه کي ٻيهر شروع ڪر?? ۽ ڇڪتاڻ ؛ي گهٽ ڪر?? جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل پنهنجي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم کي واپس وٺڻ گهرجي. ترجمان چيو ته وز??راعظم ڀارت کي امن جي لاءِ ڪم ڪر?? جي دعوت ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن کي غربت، بيماري ۽ بک جي خاتمي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وز??ر نيويارڪ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وز??رن واري سالياني رابطا اجلاس سان گڏوگڏ جي – 77 ۽ چين جي پرڏيهي وز??رن واري سالياني اجلاس ج?? پڻ صدارت ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وز??ر پنهنجي ڪيترن هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪيون ۽ ميڊيا کانسواءِ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر سان گڏ واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وز??ر انٽوني بلنڪن سان هڪ انتهائي لاڀائتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ آمريڪا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اضافي 10 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو جنهن سان آمريڪا جي مجموعي امداد 66.1 ملين ڊالر تائين پهچي وئي آهي. ترجمان چيو ته وز??راعظم هلندڙ مهيني جي وچ ڌاري ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهي اجلاس ۾ موسمياتي تبديلين جي تباهين جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته اها ڳالهه انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ته ڀارتي قابض فوج گذريل هڪ هفتي دوران والاريل ڪشمير جي علائقن ڪولگام ۽ ڪپواڙه ۾ وڌيڪ 5 ڪشميري نوجوانن کي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي، عالمي برادري ان صورتحال جو نوٽيس وٺي، هن حريت اڳواڻن سميت ڪشميري سياسي قيدين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ بنا جواز معاشي حملي جي پڻ مذمت ڪريون ٿا جنهن جو اظهار ڀارتي قابض فوج پاران واديءَ ڪشمير مان تازن گلن سان ڀريل ٽرڪن کي روڪڻ مان ظاهر ٿئي ٿو. هن چيو ته اها ڪشميري گلن جي واپارين جي اڻ اعلانيل اقتصادي ناڪابندي آهي جنهن جو مقصد والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معيشت کي تباهه ڪر?? ۽ ڪشميرين کي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي سزا ڏيڻ آهي.