اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي ??اء?? گڏيل عرب امارات سا?? ٺوس اقصادي حصيداري جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل عرب امارات سا?? اقتصادي سفارتڪاري ۽ سيرپڪاري جون نيون راهون ڳولڻ گهرجن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار کي ان جي موجوده سطح 10.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ وڌائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستان جي نامزد سفير فيصل نياز ترمذي سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قابل تجديد توانائي، واپار، صنعت، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ 16 لک پاڪستاني هڪ اثاثو آهن ۽ بنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو 22 – 2021ع ۾ 5.814 بلين ڊالر رهيو جنهن پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي ناڻي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. صدر عارف علوي پاڪستان ۾ بوڏ سٽيلن جي امداد تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت جا ٿورا مڃيا، گڏيل عرب امارات مان 57 امدادي اڏامون ۽ 2 سا??ونڊي جهاز امدادي سا??ان کڻي پاڪستان پهچي چڪا آهن. هن ايف اي ٽي ايف ۽ آءِ ايم ايف ۾ گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان جي حمايت سا?? گڏوگڏ پاڪستان جي ليڪويڊيٽي ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ جي ??اء?? 2 بلين ڊالر فراهم ڪرڻ جي قدم کي پڻ ساراهيو. گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان ۾ 2.9 بلين ڊالر جي سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري تي اطمينان جو اظهار ڪندي هن چيو ته ايندڙ سا??ن ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. صدر نامزد سفير کي چيو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي پاڪستان جي آن لائين اعليٰ تعليمي ادارن بشمول علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي سا?? ڊيجيٽل رابطو پيدا ڪري ته جيئن انهن جي ڊيجيٽل صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ۽ ان جي مهارتن جي فروغ جي ??اء?? اعليٰ ڪورسز پڻ شروع ڪيا وڃن جنهن سا?? انهن جي آمدني کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ان سلسلي ۾ هن خاص طور تي وزيراعظم جي ڊيجيٽل مهارتن جي تربيتي پروگرام تي روشني وڌي. صدر نامزد سفير کي هندستاني معاشري ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن ۽ هندوتوا بالادستي جي نظرين جن سا?? اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي زندگين کي خطري بابت گڏيل عرب امارات جي قيادت کي آگاهي ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.