اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جو خصوصي قدم، پاڪستان انفارميشن سينٽرز جي اهتمام هيٺ ڪراچي کان گلگت بلتستان تائين سڄي ملڪ جي صحا??ين جي لاءِ تربيتي ورڪشاپس جي شروعات ڪئي و??ي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي، مظفرآباد ۽ گلگت بلتستان ۾ 20 کان وڌيڪ تربيتي ورڪشاپس منعقد ??يا پيا وڃن جن ۾ 1500 جي لڳ ڀڳ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سان واڳيل نون ۽ مڊ ڪيريئر صحا??ين کي صحافت ۾ جديد رجحانن ۽ درپيش چئلينجز جي حوالي سان مختلف موضوعن تي تربيت ڏني پئي وڃي. پاڪستان انفارميشن سينٽر جي قيام جو مقصد سڄي ملڪ جي صحا??ين کي جديد پيشيواراڻي تربيت فراهم ڪرڻ آهي. ان کان اڳ 2022ع ۾ پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران مختلف موضوعن تي سڄي ملڪ ۾ 16 تربيتي ورڪشاپس منعقد ??يا ويا هئا جن ۾ 700 کان وڌيڪ صحا??ين کي تربيت ڏني وئي. صحافتي حلقن خاص طور تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ ٻين صحافت تنظيمن پاران پڻ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ان قدم کي خوب ساراهيو ويو. انهن تربيتي ورڪشاپس جي انعقاد جو سلسلو نه رڳو صوبائي گادي وارن شهر پر ملڪ جي ٻين علائقن خاص طور تي اندرون بلوچستان، سنڌ، خيبرپخوتنخواهه ۽ پنجاب جي ڏورانهن علائقن تائين ڦهلايو پيو وڃي ته جيئن انهن علائقن ۾ رهندڙ صحا??ين کي به تربيتي ورڪشاپس مان فائدو کڻڻ جو موقعو ملي سگهي. پاڪستان انفارميشن سينٽر پاران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ انويسٽي گيٽو جرنلزم، ڊيجيٽل ميڊيا اٿينٽسٽي، فيڪ نيوز ۽ ڊاڪيومينٽري ميڪنگ جهڙن اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس منعقد ??يا پيا وڃن. انهن تربيتي ورڪشاپس ۾ سينيئر جرنلسٽس، ميڊيا معاملن سان لاڳاپيل ماهرن، ماس ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽس جي استادن کان فائدو کنيو پيو وڃي ۽ انهن کي بطور ٽرينر انهن ورڪشاپس ۾ گهرايو پيو وڃي. ان حوالي سان اسلام آباد ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ ”خبرن جي صداقت، جعلي خبرن ۽ رياست مخالف پروپئگنڊه جي تدارڪ“ جي عنوان سان 28 ۽ 29 ڊسمبر تي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ ??و اهتمام ڪيو پيو وڃي.