ڪراچي – 27 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پريس ڪلب ملتان جي نئين ??ونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس ميڊيا ??يل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نئين ??ونڊيل صدر شڪيل انجم، جنرل سيڪريٽري نثار اعواڻ، نائب صدرن خالد چوڌري، نعمان خان بابر، جوائنٽ سيڪريٽريز رائو محمد آصف، اياز علي شيخ، خازن فرحان ملغاڻي سميت سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري ان اميد جو اظهار ڪيو ??ه نوان چونڊيل عهديدار پريس ڪلب ملتان جي سمورن ??يمبرن جي اميدن تي پورو لهندا. هن چيو ته ملتان جي صحافين جمهوريت ۽ اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ سدائين فرنٽ لائين سپاهين جو ڪردار نڀايو آهي.