ثمرقند – 13– اپريل (??ي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ازبڪستان ۾ چين جي پرڏيهي وزير سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي ٽوئيٽ موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چين جي پرڏيهي وزير ڪين گانگ سا?? ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي عز?? جو ورجاءُ ڪيو. اها ملاقات ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي.