اسلام آباد-09 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چي?? آهي ته عمران خان جي گرفتاري سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ڪئي وئي آهي، ڇا اهو سٺو نه ٿئي ها ته عمران خان نيب ڏانهن وڃي ها ۽ سمورن سوالن جا جواب ڏئي ها، جڏهن وارنٽ جي تعميل لاءِ ان حد تائين وڃڻو پوي ته ان جو انجام اهڙو ئي ٿيندو آهي، ڀڃ ڊاهه ڪري، دٻاءُ ۾ آڻي عدالتن کان رليف وٺڻ يا ادارن کي دٻاءُ ۾ آڻي اميد ڪرڻ ته هاڻي قانون جو رستو بدلجي ويندو اهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت ناهي. اهڙو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چي?? ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري عمل ۾ آئي هئي ان ۾ مختلف ڳالهيون سامهون اچي رهيون هيون جنهن تي وضاحت ڪرڻ چاهي رهيو هئس، گذريل دور ۾ هڪ رواج پئجي ويو هو جڏهن کان نيب ڪو ايڪشن کڻندو هو، حڪومتي عهديدار ان بنياد بڻائڻ لاءِ وقت کان اڳ معلومات ڏيندا هئا. هن چي?? ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمران خان جي گرفتاري تي عدالت ۾ ڪارروائي هلي رهي آهي اتي سڀ شيون شيئر ڪيون ويون آهن. وڪيل طور سمجهان ٿو ته قانون جي پاسداري ٿيڻ گهرجي، جڏهن معاملو جاچ هيٺ آهي، جيڪڏهن اوهان تعاون نٿا ڪريو، نوٽيس جو جواب نٿا ڏيو، انڪوائري مرحلي تي سوال نامن جا جواب داخل نٿا ڪرايو ته اهڙي صورت ۾ گرفتاري ئي واحد حل هوندو آهي، موجوده حڪومت نيب قانون کي وڌيڪ بهتر بڻايو، ان جي خلاف پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ به ويل آهي، چي?? ويو ته هاڻي نيب قانون کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، انهي نيب قانون تحت اڄ جي ڪارروائي عملد ۾ آندي وئي آهي. هن چي?? ته لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو ته ڪنهن شخص خلاف انڪوائري هلي رهي آهي ته ان کي حفاظتي ضمانت ڏئي سگهجي ٿي، اعلي عدالت ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. هن چي?? ته ماضي واري نيب به هئي جيڪا گهرائيندي ڪنهن ٻي ڪيس ۾ هئي ۽ گرفتاري ڪنهن ٻي ڪيس ۾ ڪندي هئي، سيڙهيون لڳائي گرفتاريون ڪيون وينديون هيون، هاڻي اها نيب ناهي، قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آهي، گرفتاري وارنٽ جي تعميل ڪرائي وئي آهي. هن چي?? ته عمران خان کي عدالت م پيش ڪري 5 کان 7 ڏينهن جو ريمانڊ ورتو ويندو، هاڻي اها نيب ناهي جتي 90 ڏينهن جو ريمانڊ هوندو هو. هن چي?? ته احتجاج سياسي قومن جو حق هوندو آهي پر جلاءُ گهيراءُ سان ڪڏهن به سياسي بياني کي سگهه نٿي ملي. هن چي?? ته اهڙين حالتن ۾ هر پاڪستاني جي ذميوار آهي ته هو قانون موجب پنهجو ڪنڊيڪٽ ڪري. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چي?? ته 190 ملين پائونڊ جنهن جي باري ۾ نيشنل ڪرائيم اٿارٽي برطانيه فيصلو ڪيو ته اها رقم حڪومت پاڪستان ڏانهن واپس وڃڻ گهرجي، ان وقت جي ڪابينا جي سامهون هڪ لفافو کولڻ کانسواءِ منظوري ورتي وئي، ڪميشن جي شڪل ۾ ايراضي ورتي وئي ۽ ٽرسٽ بڻائي وئي جنهن جي بينيفيشل عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ آهن، پهرين بابر اعواڻ ۽ زلفي بخاري ٽرسٽي هئا. هن چي?? ته 8 مهينن کان انڪوائري هلي رهي هئي، نيب ڪيترائي ڀيرا نوٽيسز موڪليا ۽ ڪيترائي نوٽيسز چئلينج ٿيا ۽ موقف اختيار ڪيو ويو ته سوال لا??اپيل ناهن، هن چي?? ته پي ٽي آءِ نيب قانونن ۾ ترميمن کي چئلينج ڪيو پر اڳوڻي ۽ موجوده نيب چيئرمين جي مقرري کي چئلينج نه ڪيو، آئين ۽ قانون موجب ان جو مقرريون ٿيون. هن چي?? ته نيب جي نوٽيسز تي جارحاڻي رويو ٻي طرف اختيار ڪيو ويندو رهيو، سڀ ڄاڻن ٿا ته وارنٽ تعميل تي پوليس وارن سان ڇا ٿيو . هن چي?? ته ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف ڌيءَ سان گڏ ان ڪيس ۾ جيل ڪٽيو جنهن ۾ مريم نواز کي ميرٽ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ڪيو آهي. عدالت چي?? ته ان ڪيس ۾ ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، هن چي?? ته شهباز شريف کي لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ ضمانت ڏني ته هڪ ڪهاڻي بڻائي وئي ته ٽي ٽيز لڳائي اثاثا بڻايا ويا آهن، ان ڪيس ۾ نه رشوت نه مني لانڊرنگ جا ثبوت مليا، 26 ڪروڙ 10 لک جو فرق ڪڍيو ويو ان کانپوءِ کيس ايف آءِ اي جي ذريعي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ملوث ڪيو ويو ان ڪيس ۾ ايف آءِ اي عدالت جي اسپيشل جج 12 ڏينهن جي بنياد تي ٻڌڻي ڪئي ۽ آزاد ڪري ڇڏيو. هن چي?? ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ منهنجي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سان ڳالهه ٿي آهي، ڪجهه وڪيل زخمي ٿيا آهن، ان بابت وزيراعظم سان ڳالهائيندس ته جيئن آئنده اهڙا واقعا ??ه ٿين. هن چي?? ته جڏهن ضمانتون خارج ٿينديون آهن ته عدالتي اڱڻ مان گرفتاريون ٿينديون رهيون آهن، هن چي?? ته ملڪ ۾ قياس آرايون ۽ افواهن جي بازار گرم آهي ته حڪومت جو اهو فرض آهي ته اصل صورتحال عوام جي سامهون رکي وڃي.