اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) اقتصادي سروي 23 -2022ع جاري ڪرڻ تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو آه?? ته پاڪستان ڊيفالٽ نه ڪندو ۽ نه ئي ان جو ڪو خطرو موجود آه??، هن چيو ته ناڻي واڌ معيشت لاءِ واقعي ئي اهم مسئلو آه?? پر اسان ان کي وقت سان گڏوگڏ گهٽ ڪري رهيا آه??ون ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان ۾ گهٽائي جي اميد آه??. ناڻي واري وزير چيو ته گذريل حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کي مڪمل خودمختياري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي مالي مشڪلاتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، هن چيو ته پاليسي ريٽ 14 کان 21 سيڪڙو تي هليو ويو آه?? تنهن هوندي به ان کي هيٺ آڻڻ ۾ وق?? گهربل آه??. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته اها ڳالهه تاريخ جو حصو بڻجي وئي آه?? ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو آه?? ان سان گڏوگڏ ٻاهرين ادائيگين جي نظام کي به بهتر ڪيو ويو جنهن سبب ليٽر آف ڪريڊٽ جا مسئلا حل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ٻاهرين ادائيگين کي به ممڪن بڻايو ويو آه??. هن چيو ته هڪ ڏينهن يا هڪ هفتي ۾ ناڻي واڌ يا پ??ليسي ريٽ ته گهٽ نٿو ڪري سگهجي تنهن هوندي به قوم مطئمن رهي ته اسان مشڪل وقت مان گذري چڪا آه??ون. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ميڊيا جي به اها ذميواري بڻجي ٿي ته هو عوام کي صحيح انگن اکرن کان آگاهه ڪري ته جي??ن عوام ۾ جيڪا ڳڻتي جي لهر ڏٺي وڃي ٿي ان ۾ گهٽتائي واقع ٿي سگهي.