پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي ترقياتي بئنڪ (آءِ ايس ڊي بي) جي صدر ڊاڪٽر محمد الجاسر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايس ڊي بي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ رابطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها ملاقات فرانس ۾ منعقد ٿيندڙ نئين عالمي مالياتي معاهدي جي لاءِ سربراهه اجل??س جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم ۽ آءِ ايس ڊي بي جي صدر مختلف جاري منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت عالمي ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي شرڪت تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران ڊاڪٽر الجاسر جا ٿورا مڃيا. هن ڪانفرنس ۾ آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۾ معاونت جي لاءِ 4.2 ارب ڊالر جي فراهمي جي اعلان کي ??اراهيو. هن ان فراخدلاڻي مالي معاونت ۾ ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي تعاون ۽ قائداڻي ڪردار کي ??سليم ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آءِ ايس ڊي بي جي پاڪستان سان فائديمند حصيداري ملڪ جي عوام کي ??ن جي زندگين جي نئين سر تعمير ۽ روزگار ۾ مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ح??ومت جي پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي. وزيراعظم ڊاڪٽر الجاسر کي ملڪ ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري کي ??حيح رخن تي قائم ڪرڻ ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ??تم ڪرڻ جي لاءِ ون ونڊو حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ تازو ئي جوڙيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم آءِ ايس ڊي بي جي صدر کي ??لد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.