بيجنگ – 04 –جولاءِ (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي ??ر آئي) تحت مختلف ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملين ۽ علائقائي ??عاون جي قدمن سان اعليٰ معيار جي تعاون کي بهتر طور تي هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوششن تي زور ڏنو آهي. وڊيو لنڪ ذريعي شنگهائي ??عاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي هن چيو ته ايس سي او تنظيم جي ميمبرن کي صحيح رخ تي گامزن ٿيڻ ۽ يڪجهتي ۽ گڏيل اعتماد ۾ اضافي جي ضرورت آهي. هن اڱاري ڏينهن شنگهائي ??عاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪن جي وچ ۾ مٽاسٽا ۽ گڏيل سکڻ جي عمل کي مضبوط بڻائڻ ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر شي جن پنگ چيو ته متنوع تهذيبن جي هم آهنگي سان ترقي خطي جي ماڻهن جو گڏيل ويزن آهي. هن شنگهائي ??عاون تنظيم جي ميمبرن کي علائقائي ??من جي تحفظ ۽ گڏيل سلامتي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته چين عالمي سلامتي جي قدمن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ، اختلافن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ڪرڻ، عالمي ۽ علائقائي مسئلن جي سياسي حل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. علائقائي ??لامتي جي لاءِ گڏيل طور تي هڪ شيلٽر ٺاهيو وڃي. صدر شي جن پنگ اقتصادي بحالي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ عملي تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته چين عالمي ترقياتي قدمن کي لاڳو ڪ??ڻ ۽ اقتصادي عالمگيريت جي صحيح رخ تي عمل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن تحفظ پسندي، هڪطرفي پابندين ۽ قومي سلامتي کي معاشي دٻاءُ جي هڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مخالفت جي ڪوششن تي زور ڏنو ۽ ديوارُون بيهارڻ، صنعتي ۽ سپلائي چينز کي ٽوڙڻ يا انهن ۾ خلل وجهڻ جي ڪوششن کي رد ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر شي جن پنگ چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ۽ مختلف ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملين جي وچ ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏنو وڃي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي آزاداڻو بڻائيندي سهولتن کي فروغ ڏنو وڃي، بندرگاهن جي بنيادي ڍانچي ۽ علائقائي ??المي لاجسٽڪس ڪوريڊورز جي تعمير تيز ڪئي وڃي ۽ علائقائي ??نعتي تسلسل ۽ سپلائي ??سلسل جي استحڪام ۽ آسان عمل کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. متنوع تهذيبن جي هم آهنگي سان ترقي خطي جي ملڪن جي عوام جو ويزن آهي. صدر شي چيو ته چين عالمي تهذيبي قدمن کي لاڳو ڪرڻ، مختلف تهذيبن جي گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيڻ ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته امن، ترقي ۽ فتح جي تعاون جو رجحان رڪجي نه ٿو سگهجي ۽ ايس سي او ملڪن پاران اسٽريٽجڪ مواصلات ۽ تعاون کي مضبوط بڻائڻ، اختلافن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مڪالمو ڪ??ڻ ۽ چٽاڀيٽي کان بچ?? جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر شي هڪ ٻئي ??ي بنيادي مفادن جو احترام ڪ??ڻ ۽ ترق?? حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس تعاون جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.