اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي بئنڪ الفلاح لميٽيڊ پاران بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف داخل اپيل کي رد ڪندي هدايت ڪئي آهي ته بئنڪ بنا اجازت آن لائين ادائيگي جو نظام فعال ڪرڻ ۽ ص??رف جي وقت سر شڪايت کي نظرانداز ڪرڻ تي معافي وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته صارفين کي انٽرنيٽ بئنڪنگ جي فائدن ۽ نقصانن بابت آگاهه ڪرڻ بئنڪ جي ذميواري آهي، بئنڪ الفلاح 66850 رپين جي وڃايل رقم منافعي سان گڏ ص??رف کي واپس ڪري. تفصيل موجب محمد يار (شڪايت ڪندڙ) بئنڪنگ محتسب کي شڪايت داخل ڪرائي ته ان جي ڪريڊٽ ڪارڊ تي 66850 رپين جو گهپلو ٿيو، ص??رف بئنڪ کي آگاهه ڪيو ته هن آن لائين خريداري ناهي ڪئي تنهن ڪري آن لائين ادائيگي کي روڪيو وڃي، بئنڪ شروعاتي طور تي رقم واپس ڪئي پر ڇهن مهينن کانپوءِ بئنڪ رقم ڪريڊٽ ڪارڊ مان ڪاٽي ورتي جنهن تي ص??رف بئنڪنگ محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته بئنڪ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي ڪئي ۽ بئنڪ الفلاح جي اپيل کي رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته شڪايت ڪندڙ انٽرنيٽ/ ڊيجيٽل بئنڪنگ کان واقف نه آهي، ص??رف کي بئنڪ پاران ڪال موصول ٿيڻ تي ڏيتي ليتي جي ڄاڻ ٿي، غيرمجاز/ جعلي ڏيتي ليتي جي فوري اطلاع ڪري ص??رف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بئنڪ جو فرض آهي. صدر چيو ته ص??رف جي مفاد جو تحفظ ڪرڻ بدران بئنڪ باقاعده شڪايت جو انتظار ڪيو، بئنڪ ايس ايم ايس يا ميل جي صورت ۾ گهربل معلومات جمع ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام رهي. ڊاڪٽر ع??رف عليو چيو ته اهم ثبوت جي معلومات/ دستاويز جمع نه ڪرائڻ عڪاسي ڪري ٿو ته يا ته بئنڪ وٽ رڪارڊ نه آهي يا پوءِ پاس ورڊ ناهي موڪليو ويو، بئنڪ الفلاح اسٽيٽ بئنڪ جي مختلف ضابطن/ هدايتن جي عدم تعميل ڪندي ڏٺي وئي. صدر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي هدايتن موجب ص??رف جي رضامندي حاصل ڪرڻ بئنڪ جي ذميواري آهي، سادي زبان ۾ اليڪٽرانڪ فنڊز منتقلي جي سهولت بابت ص??رف کي مطلع ڪرڻ به بئنڪ جو فرض آهي. هن چيو ته بئنڪ ثابت نه ڪري سگهي ته انٽرنيٽ بئنڪنگ جي سهولت ص??رف جي رضامندي سان فعال ڪئي وئي. صدر چيو ته بئنڪ الفلاح جي اپيل ميرٽ کان عاري آهي ان لاءِ رد ڪئي وڃي ٿي. هن هدايت ڪئي ته بئنڪ ص??رف کان معافي وٺي ۽ منافعي سان گڏ وڃايل رقم واپس ڪري.