اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي تحفظ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته آئين سمورن شهرين جي مذهبي عقيدي يا نسل کان قطع?? طور سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چ??و ته ملڪي ترقي ۾اقليتن جي ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ انهن کي ان تي ساراهيون ٿا. صدر اقليتن جي ڏينهن تي قوم جي تعمير جي عمل ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چ??و ته اسلام اسان کي اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ سمورن ماڻهن جي وچ ۾ برابري جو درس ڏي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان اقليتن جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون ??هن، انهن قدمن جو مقصد ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي فعال شرڪت جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. صدر چ??و ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، مذهبي اسڪالرز ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته ا??ي معاشري کي اقليتن جي حقن بابت آگاهه ڪن، ملڪ ۾ محبت، رواداري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڪلچر کي فروغ ڏين. صدر ان يقين جو اظهار ڪ??و ته ا??ليتون قومي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون ??هنديون.