ڪراچي – 23 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، ڪاروباري برادري جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، پنهنجي مقرر مدي ۾ ملڪ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو ڪنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي ۽ وچولي درج?? جي صنعتن سان تعلق رکندڙ ڪاروباري شخصيتن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. وزي??اع??م چيو ته ڪراچي بلوچستان جي عوام جو ٻيو گهر آهي ۽ تعليم دوران اسان موڪلون گذارڻ ڪراچي ايندا هئاسين، بعد ۾ خبر نه آهي ڪنهن جي هن شهر کي نظر لڳي وئي ۽ هي شهر جيتريون خوشيون ڏئي رهيو هو ائين ئي هتي ڏک به ڏٺا ويا. ڪراچي مختلف رنگ ۽ نسل ۽ زبان ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گلدستو آهي. الله تعاليٰ سان جي دلين کي ڳنڍيندو ۽ گڏيل نفرتن کي ختم ڪندو ۽ پوءِ هڪ نئين ڪراچي ۽ نئين پاڪستان جي شروعات ٿيندي ۽ اهو ئي اهو پاڪستان هوندو جنهن جو علامه محمد اقبال خواب ڏٺو هو ۽ ان جي قيام جي لاءِ قائداعظم محمد علي ج??اح جدوجهد ڪئي هئي. قائداعظم عام ماڻهن جي لاءِ پاڪستان ٺاهيو هو ۽ هو عام ماڻهو جو اڳواڻ هو. الله تعاليٰ کيس بصيرت عطا ڪئي هئي. اسان جي خطي ۽ پاڙيسريت ۾ جهڙي طرح مسلمان ڀائرن ۽ ٻين اقليتن جو حال آهي، اسان الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريون ٿا ته ڪيتري وڏي نعمت قائداعظم جي بصيرت جي ڪري اسان کي حاصل ٿي ۽ هو ايندڙ حالتن کي پرکي چڪو هو ۽ هن عملي جدوجهد ڪري اسان جي لاءِ هڪ جدا وطن حاصل ڪيو. وزي??اع??م چيو ته اسان قيامت تائين انهن جا احسان مند رهنداسين. ان احسان مند?? جي گهرج آهي ته جنهن مقصد جي لاءِ پاڪستان قائم ٿيو ان کي حاصل ڪرڻو آهي ۽ ان موجب زندگي گذارڻي آهي. اسان کي گڏيل احترام ۽ رواداري کي فروغ ڏيڻو پوندو. وزي??اع??م چيو ته اسلام اسان کي هڪ ٻئي جو مال ناحق طريقي سان کائڻ کان منع ڪري ٿو. هڪ ٻئ?? جي عزت ۽ احترام ۽ برداشت ۽ تحمل سان 92 سيڪڙو مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. وزي??اع??م چيو ته ڪاروباري ماڻهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، سنڌ جو گورنر ۽ چيف سيڪريٽري ان حوالي سان توهان سان رابطي ۾ رهندا. ڪيترائي معاملا حل ٿي ويندا ۽ شايد ڪجهه حل نه ٿي سگهن. اسان هڪ ٻئ?? جي مجبورين ۽ حدن کي سمجهون ٿا پر ڪوشش ڪنداسين. پنهنجي مقرر مدي ۾ احسن طريقي سان پنهنجو فرض ادا ڪنداسين.