اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري شاعر، اديب ۽ دانشور افتخار عارف جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته افتخار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان ??نهنجو مقام رکي ٿو، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نامياري شاعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پاڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ادب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته افتخار عارف جو نالو سڀ کان ??ٿاهُون هوندو. افتخار عارف ريڊيو پاڪستان تان ??نهنجي ڪم جي شروعات ڪئي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعا?? واري سيڪريٽري ظهور احمد چيو ته افتخار عارف جون ادب جي شعبي ۾ تمام گهڻيون خدمتون آهن. اڄ جي تقريب پاڪستان جي ادب ۽ شاعري جي لاءِ حوصلا افزا آهي. هن چيو ته پاڪستان ??يلي ويزن جي شروعات کان ??ٺي هيستائين مختلف پروگرامن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. اطلاعا?? واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته افتخار عارف جو ادب جي شعبي ۾ تمام ??ڏو مقام آهي، هو پنهنجي شعبي جو اڳواڻ آهي. افتخار عارف شاعري کانسواءِ به ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس علمي ۽ ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ پڻ ڏيکاري وئي. بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناليواري شاعر افتخار عارف چيو ته دستاويزي فلم ۾ پنهنجي دوستن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. عائشه اڪرم ان فلم جي تياري ۾ بهترين ڪوشش سرانجام ڏني ??نه?? تي عائشه اڪرم سميت پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته ”ٻارهون رانديگر“ دستاويزي فلم ناليواري شارٽ فلم ميڪر عائشه اڪرم تيار ڪئي ??نه?? ۾ افتخار عارف جي زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ جي ناليواري علمي ۽ ادبي شخصيتن جا تاثر پڻ ان فلم ۾ شامل آهن. اها فلم اطلاعات ۽ نشريا?? واري وزارت، انفارميشن سروس اڪيڊمي ۽ پي ٽي وي فلمز جي سهڪار سان جاري ڪئي وئي.