نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني آمريڪي پرڏيهي وزير جي سينيئر پاليسي ايڊوائيزر قونصلر ڊيرڪ چوليٽ سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن موجب گڏيل قومن جي جنرل اس??مبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دل??سپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.