ڪوئيٽا-19 آڪٽوبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ بلوچستان جا ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن، پر وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي وٺ??ائ?? لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. اها ڳالهه هن سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي ۾ شاگ??دن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته اسان بلوچستان جي شاگ??دن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهيون، ماضي جي حڪومتن تعليم تي وڌيڪ ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان لاءِ وڌيڪ فنڊ رکيا ويا. اسان جي ڪوشش آهي ته بلوچستان جي تعليمي ادارن جا مسئلا سنجيدگي سان حل ڪريون، هن وقت بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيتوڻيڪ ارڙهين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن وٽ هليو ويو آهي پر ان باوجود وفاقي حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي. هن چيو ته اسان وچن ڪريون ٿا ته سمورن صوبن لاءِ هڪ اهڙي تعليمي پاليسي بڻايون جيڪا ايندڙ حڪومتن لاءِ مشعل راهه هجي، هن چيو ته 50 سالن جا مسئلا هڪ ڏينهن ۾ حل نٿا ٿي سگهن پر ان ۾ گه??تا??ي آڻي سگهجي، جيستائين شاگ??دن ۽ شاگردياڻين کي تعليم جا معياري موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن انهن لاءِ عملي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ مشڪل هوندو، هن چيو ته صوبي ۾ تعليم کي وڌ کان وڌ هٿي ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. هن چيو ته سردار بهادر خان ويمن يونيورسٽي جي ??ضد??ر ۽ پشين ڪيمپس لاءِ 50 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا ويا آهن جنهن سان يونيورسٽي ۾ معياري تعليم ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، تقريب جي آخر ۾ وفاقي وزير شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهايا.