اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد امن ۽ ترقي جا دشمن آهن، انهن کي سختي سان منهن ڏينداسين. پنهنجي بيان ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته دهشتگرد عنصر قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. سيڪيورٽ?? ادارن ۽ عوام جي تعاون سان دهشتگردي جي لعنت جو مڪمل خاتمو ڪنداسين. هن دهشتگرد حملي ۾ شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.