اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي ا??لي?? ترجيحن ۾ شامل آهي، خ??دا?? – ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جي لاءِ معاملن کي تيزي سان اڳتي وڌايو وڃي، ڪڇي ڪينال من??وبي جي معاملن جي حوالي سان من??وبابندي واري نگران وفاقي وزير، پنجاب ۽ بلوچستان جي نگران وڏن وزيرن تي ٻڌل بين الصوبائي ڪميٽي جوڙي وڃي، جابلو نالن مان ايندڙ پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ چيڪ ڊيمز ٺاهيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ بلوچستان جي معاملن تي اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بلوچستان جي نگران وڏي وزير علي مردان ڊومڪي، بلوچستان جي تعليم واري نگران وزير ڊاڪٽر قادر بلوچ، چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر بلوچستان جي نگران حڪومت جي نمائندگي ڪئي. نگران وفاقي حڪومت پاران من??وبابندي واري نگران وفاقي وزير سميع سعيد، قانون ۽ پاڻي وسيلن واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪ?? ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي حڪومت جي ا??لي?? ترجيحن ۾ شامل ??هي. نگران وزيراعظم هداي?? ڪئي ته بلوچستان جي سمورن پاڻي من??وبن ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنس ۽ ڪلائميٽ فنانس کي نظر ۾ رکيو وڃي. نگران وزيراعظم هداي?? ڪئي ته خ??دا?? – ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير جي لاءِ معاملن کي تيزي سان اڳتي وڌايو وڃي. سندس چوڻ هو ته خ??دا?? ڪراچي ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير سان ملڪ جي مختلف علائقن کي متبادل لنگهه ملندو ۽ رابطو آسان ٿيندو. وڌيڪ اهو ته نگران وزيراعظم بلوچستان جي سرڪاري يونيورسٽين جا مالي مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. نگران وزيراعظم ڪڇي ڪينال من??وبي جي معاملن جي حوالي سان بين الصوبائي ڪميٽي ٺاهڻ ۽ ان ڪميٽي ۾ من??وبابندي واري نگران وفاقي وزير، پنجاب ۽ بلوچستان جي نگران وڏن وزيرن کي شامل ڪرڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. ڪميٽي ڪڇي ڪينال جي بحالي ۽ توسيع جي حوالي سان تجويزن کي حتمي شڪل ڏيندي. نگران وزيراعظم جابلو نالن مان ايندڙ پاڻي کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ چيڪ ڊيمز ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي ته جيئن ڪڇي ڪينال ۽ پيٽ فيڊر کي جابلو نالن جي ٻوڏ واري پاڻي کان بچائي سگهجي. نگران وزيراعظم پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ مڇين جي غيرقانوني شڪار جي روڪٿام جي لاءِ ٽرالرز تي ٽريڪر سسٽم هڻڻ جي پڻ هداي?? ڪئي. نگران وزيراعظم نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽرويز پوليس کي نادرا جي حصيداري سان گاڏين جي رجسٽريشن ۽ فٽنس جي حوالي سان ٺوس نظام آڻڻ جي هداي?? ڪئي. اجلاس کي چيف سيڪريٽري بلوچستان پاران صوبي جي مختلف من??وبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان حڪومت صوبي ۾ صاف ۽ شفاف چونڊن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي سمورين هدايتن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بلوچستان جي لاءِ ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس اوڳاڙيون وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ٽيڪس روينيو ڪليڪشن سسٽم جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي کاڻين جي کوٽائي کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪوئيٽا ضلعي ۾ کاڻين جي کوٽائي جي لاءِ ريسڪيو 1122 جو خصوصي مرڪز قائم ڪيو ويو ??هي. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ موٽرويز، قومي ۽ صوبائي رستن تي سفر محفوظ بڻائڻ جي لاءِ گاڏين جي ٽيسٽنگ جو ٺوس نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي. بلوچستان حڪومت وفاقي حڪومت سان گڏجي پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ مڇين جي غيرقانوني شڪار جي خلاف قدم کڻي رهي ??هي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انتظامي شفافيت وڌائڻ جي لاءِ بلوچستان جي سمورن سرڪاري ملازمن جي ڊيٽا جي نادرا کان تصديق ڪئي پئي وڃي.