اسلام ??با?? – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي ??ال??اني مٽاسٽا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن تي حملن جي منع ??و معاهدو ٻين ??ال??ين سان گڏ اهو ??راهم ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي پنهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان موجب ان معاهدي تي 31 ڊسمبر 1988ع تي صحيحون ڪيون ويون ۽ اهو ??عاهدو 27 جنوري 1991ع تي لاڳو ٿيو. معاهدي جي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست باضابطا طور سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ اسلام ??با?? ۾ ڀارتي هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀ??رتي پرڏيهي وزارت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست پڻ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. معاهدي تحت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي مٽاسٽا ڪري رهيا آهن.