اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان حل ڪڍيو وڃي، ڪراچي جي لا??ِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اليڪٽرڪ) جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس عبدا??له علوي جي قيادت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪي اليڪٽرڪ مونس عبدا??له علوي، چيف فنانس آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عامر غزيني ۽ ريگيوليٽري آفيسر ڪي اليڪٽرڪ عمران قريشي شامل هئا. ان موقعي تي توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، نيپرا چيئرمين وسيم مختار، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ريحان اختر ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي نگران وزيراعظم کي ڪي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني وئي. وفد نگران وزيراعظم جا ڪي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وفد ڪي اليڪٽرڪ جي لا??ِ 390 ارب رپين جي سيڙپڪاري پلان ۽ قابل تجديد توانائي جي 640 ميگاواٽ جي منصوبن جي لا??ِ اگهن جي منظوري ۽ 1000 ميگاواٽ اضافي بجلي جي فراهمي تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي گڏيل تعاون سان ڪراچي جي لا??ِ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي مثبت پيغام مليو آهي. نگران وزيراعظم توانائي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين مسئلن جو گڏيل مشاورت سان مستقل حل ڪڍيو وڃي. هن اها به هدايت ڪئي ته بجلي صارفين جي قوت خريد ۽ انهن جي ڀلائي پاليسي جو محور هجڻ گهرجي.