اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان کي غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي ل??ءِ پرڪشش ??لڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هو جرمني جي عالمي فوڊ هول سيلر، ميٽرو گروپ جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جو سي اي او ڊاڪٽر اسٽيفن گروبل ۽ جرمني جو پاڪستان ۾ سفير پڻ ملاقات ۾ موجود هو. وفد صدر کي پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ??لڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي ل??ءِ ڪم ڪري رهيو آهي. وفد ٻڌايو ته ميٽرو ڪمپني ??لڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي ل??ءِ سازگار ماحول آهي، پاڪستان ڪاروبار، سيڙپڪاري ۽ سياحت جي ل??ءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي. صدر پاڪستان ۾ ميٽرو گروپ جي سيڙپڪاري کي ساراهيو.