اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ صوبن جي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته ??اڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جيڪو تعليم واري وزارت جي ماتحت ادارو آهي، ملڪ ۾ هر 5 سالن کان??وء?? ??رو?? ڪرائي ٿو ته ڪيترا ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، گذريل ??رو?? 17 – 2016ع ۾ ٿي ه??ي. ان کان??وء?? 22 – 2021ع ۾ ??رو?? ڪئي جنهن ۾ رڳو اسلام آباد جا انگ اکر سامهون رکندي 81 هزار ٻارن مان 71 هزار ٻار واپس اسڪولن ۾ اچي ويا هئا جنهن جو تناسب 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته صوبن کي ان حوالي سان فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم کان??وء?? تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن واپس هليو ويو آهي ۽ هاڻي اها انهن جي ذميواري آهي ته اهي اسڪولن مان جيترا ٻار ٻاهر آهن انهن کي واپس آڻين. هن چيو ته ??فاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي تحت 25 ارب رپيا رکيا آهن ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.