اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر ??يد ابراهيم رئيسي جي گهرواريءَ جميله عالم الهديٰ اسلام آباد ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم سينٽر ??و دورو ڪيو جتي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي ??فيس جي ترجمان موجب ايراني خاتون اول يتيم ٻا??ن کي محفوظ ۽ پرورش جو سازگار ماحول ڏيڻ ۾ مرڪز جي ڪردار کي ساراهيو. هن قوم جي ڪامياب مستقبل جي لاءِ نوجوان نسل جي حمايت جي اثرن تي پڻ روشني وڌي. ان موقعي تي فلسطي??ي عوام خاص طور تي غزه جي ٻارن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي وئي.