اس??ام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) قطر جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر محمد بن عبدالعزيز الخليفي پرڏيهي وزار?? پهچي ويو، پرڏيهي وزار?? پهچڻ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار قطر جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آف??س پاران جاري بيان موجب قطر جو پرڏيهي معاملن وارو مملڪتي وز??ر قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. قطري پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ۽ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي وچ ۾ باضابطا ڳالهه ٻولهه پڻ ٿيندي. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ڊگهي مدي، وسيع البنياد ۽ ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن.