شي آن – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چي?? جي دوري جي ٽئين مرحلي ۾ شي آن پ??چي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي آن پ??چڻ تي شانسي صوبي جي نائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ ۽ اعليٰ چي??ي سفارتي عملي سميت اعليٰ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو.
وزيراعظم پنهنجي شي ان جي دوري دوران شانسي صوبي جي اعليٰ پارٽي قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ جديد زراعت جي حوالي سان قائم اداري، يانگلنگ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪندو. وزيراعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبا??، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين ۽ سردار اويس خان لغاري شامل آهن.