اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي مزدور، آبادگار ۽ پگهاردار طبقي جي ريليف جي لاءِ قدم کڻنداسين، اسان ملڪ کي ??عاشي مشڪلاتن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي استحڪام طرف گامزن ڪيو ۽ پنهنجي سياست کي ??ربان ڪري معيشت کي بچايو، پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، ڀائر ملڪن ۽ سيڙپڪارن جو حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ۽ وڌندڙ پرڏيهي سيڙپڪاري حڪومتي ٽيم جي محنت جو ثمر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليا??ين?? هائوس ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ وزيراعظم پارلياماني پارٽي کي ??جي?? جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي ??عاشي مشڪلاتن جي ڌُٻڻ مان ڪڍي استحڪام طرف گامزن ڪيو، تاريخ گواهه آهي ته اسان پنهنجي سياست کي ??ربان ڪري پاڪستان جي معيشت کي بچايو، الله رب العزت جي مدد ۽ ميان محمد نواز شريف جي قيادت ۾ اسان هن ملڪ کي ڏيوالپڻي ٿيڻ کان بچايو ۽ هن ملڪ کي ڏيوالپڻو ڪرڻ جو خواب ڏسندڙن جون سازشون اڌوريون رهجي ويون. هن چيو ته سازشي ٽولي هن ملڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وڌو، هن ملڪ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙن جي بي حرمتي ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو سالن کان عملي سياست ۾ آهي پر اهڙي انتشار سان ڀرپور سياست پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏٺي. وزيراعظم چيو ته الله رب العزت مون کي ??يو ڀيرو خادم پاڪستان جي ذميواري ڏني ته قوم جي مشڪلاتن جي ازالي جو وچن ڪيو، مون کي اميد آهي ته منهنجي ڪوششون ۽ محنت توهان سڀني ۽ عوام جي اميدن تي پوريون لهي رهيون هونديون. وزيراعظم چيو ته ڀائر ملڪن ۽ سيڙپڪارن جو حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد ۽ ملڪ ۾ وڌندڙ غيرملڪي سيڙپڪاري حڪومتي ٽيم جي محنت جو ثمر آهي. هن چيو ته ??جي?? ۾ جيتري قدر ٿي سگهيو، عام ماڻهو کي ريليف ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته هن ملڪ جي مزدور، آبادگار ۽ پگهاردار طبقي جي ريليف جي لاءِ قدم کڻنداسين. وزيراعظم اتحادي پارٽين ۽ پارلياماني پارٽي جي ميمبرن پاران اعتماد جي اظهار تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت جي پاليسين جي عام ماڻهو ۽ ملڪ جي مفاد ۾ ڀرپور حمايت تي انهن جو دل سان ٿورائتو آهيان. وزيراعظم پارلياماني پارٽي جي ميمبرن کي تاڪيد ڪئي ته اهي ??جي?? اجلاس ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪن، ??جي?? جي حوالي سان ڪوڙ ۽ پروپئگنڊه جو موثر ۽ مدلل جواب ڏين. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام جي لاءِ اسان کي ڏينهن رات محنت ڪرڻي آهي، قوم کي بنيادي صحت، اعليٰ تعليم ۽ ترقي جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا آهن. هن چيو ته هن ملڪ جي باصلاحيت افرادي قوت کي روزگار جي فراهمي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، نوجوانن جي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته عورتن کي بااختيار ۽ انهن کي باعزت روزگار جي فراهمي جي لاءِ محنت ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته هو سڄي دنيا ۾ جتي به ويو قرض بدران سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي پر سيڙپڪاري اتي ئي ايندي آهي جتي امن ۽ سياسي استحڪام هج??. وزيراعظم چيو ته باوقار قومون محنت، لگن ۽ حوصلي سان پنهنجي تقدير بدلائينديون آهن، چين ۽ باقي ترقي يافته ملڪن کان سکندي اسان کي ??اڪستان جي معروضي حالتن جي ڏس ۾ پنهنجو شاندار مستقبل پاڻ ٺاهڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ٽيم جي ڪوششن جي ڪري مهانگائي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي، ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم ٿيو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان آهي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومتي معاشي ٽيم جي محنت جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ميمبرن کي ??جي?? تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ميمبرن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي معاشي ٽيم پاران تيار ڪيل ??جي?? تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ۽ مسلم ليگ (ن) سان تعلق رکندڙ پارليا??ين?? ميمبرن شرڪت ڪئي.