اسلام آباد – 04 – جولائي (اي پي پي) پاڪس??ان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگها??ي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو، آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ سربراهي اجلاس کان اڳ هڪ وزارتي اجلاس ۽ اعليٰ عملدارن جي ميٽنگز جا ڪيترائي دور ٿيندا جنهن ۾ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ مالي، اقتصادي، سماجي، ثقافتي ۽ انساني تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چئي. هن چيو ته 2024ع پاڪس??ان ۽ ايس سي او لاڳاپن جي هڪ اهم سنگ ميل آهي ڇو ته پاڪس??ان وٽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي گردشي چيئرمين شپ آهي، جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز فورم آهي. ان حيثيت ۾ پ??ڪس??ان هن سال آڪٽوبر ۾ شنگها??ي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب ڪندو، وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪس??ان جو موقف پيش ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آستانه ۾ شنگها??ي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقس??ان ۾ آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ آهن. ترجمان چيو ته شنگها??ي تعاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪس??ان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪس??ان شنگها??ي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان گڏ آستانه ۾ شنگها??ي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اڳ ۾ پ??ڪس??ان – آذربائيجان – ترڪيه ٽه ??ري?? سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته ٽنهي اڳواڻن واپار، توانائي، سياحت، ثقافت، تعليم، ٽيڪنالاجي، صحت ۽ ماحولياتي تعاون جهڙن شعبن تي ڌيان ڏيندي ٽه ??ري?? تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هي سربراهي اجلاس پرڏيهي وزيرن، پارليامينٽ جي اسپيڪرن ۽ دفاعي عملدارن جي سطح تي ٽه ??ري?? مشاورت کانپوءِ ٿيندو آهي.