سرينگر-19 جولاءِ (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسن سميت سڄي دنيا ۾ ترسيل ڪشميرين (ڪالهه) جمعي تي يوم الحاق پاڪستان ??لهايو جنهن جو مقصد ڀارتي قبضي مان ڄمون ڪشمير جي آزادي تائين آزادي جي جدوجهد جاري رکڻ آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشميرين جي حقيقي نمائندن 19 جولاءِ 1947ع تي سرينگر جي علائقي آبي گزر ۾ سردار محمد ابراهيم جي گهر ۾ ٿي?? آل ڄمون ڪشمير مسلم ڪانفرنس ??ي اجلاس ۾ الحاق پاڪستان جو ٺهراءُ اتفاق راءَ سان ??نظور ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان سان ??ذهبي، جاگرافيائي، ثقافتي ۽ اقتصادي هڪجهڙائي ۽ لکين ڪشميري مسلمانن جي خواهشن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان سان ڄمون ڪشمير جي الحاق جو مطالبو ڪيو ويو هو.ڪشميرين جو اهو ٺهراءُ ان ڳاله?? ج?? واضع ثبوت آهي ته هو پنهنجو مستقبل پاڪستان سان ڳنڍي چڪا آهن.