اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ستون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. سريلنڪن وفد جي قيادت پرڏيهي سيڪريٽري اروني وجيورد جڏهن ته پاڪستان پاران پرڏيهي سيڪريٽري مح??د سائرس سجاد قاضي ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشاورتي اجلاس خوشگوار ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو جڏهن ته ڳالهه ٻولهه ۾ خاص طور تي واپار، اقتصادي تعاون، دفاع ۽ سلامتي، تعليم، پارلياماني مٽاسٽا، ثقافت، ميڊيا، راندين، گهڻ رخي فورمز تي تعاون ۽ قونصلر معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مشاورتي اجلاس ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ ان جي پاڙيسري خطن ۾ سياسي ۽ سيڪيورٽي ڊائنامڪس تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بيان موجب ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي ??ڌائڻ ?? ڊائيلاگ مڪينزم کي ??ضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين زراعت، صحت، رابطي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ جو فيصلو ڪيو. هن ان ڳالهه کي ??ڻ ساراهيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ڪيترن ئي عالمي مسئلن تي اتفاق راءِ آهي.