لاهور -05 آگسٽ (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي، ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کي والاريل ڄمون ڪش??ير کي دنيا جي کليل جيل ۾ تبديل ڪري ظلم ۽ ڏاڍ جو نئون مثال قائم ڪيو. يوم استحصال ڪش??ير تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته والاريل ڪش??ير جي هر شهيد، هر مظلوم کي سل??م ڪيان ٿي. هن چيو ته دنيا ڪيستائين اکيون بند ڪري ويٺي ره??دي، ڪيستائين ڪشميري ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿيندا ره??دا، ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي خلاف ڪشميرين جون لازوال قربانيون ضرور رنگ لائينديون. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي ايوانن ۾ ڪشميرين جو آواز اٿاريندو ره??دو، ڪش??ير مسئلي جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ خوشحالي ممڪن آهي. مريم نواز شريف چيو ته هر پاڪستان جي دل ڪشميرين سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشميرين سان گڏ آهيون ۽ ره??داسين.