اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، هر شخص کي آئيني حدن ۾ رهي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، بنا ڪنهن ??واز جي احتجاج سبب ملڪ جي اميج ٻاهرين دنيا ۾ خراب ٿيندي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار گهٻرائيند?? آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ ويڊيو بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته مسئلا سڄي دنيا ۾ هر جاءِ تي ٿيند?? آهن، جڏهن ??ه انهن ??و حل ڪڍيو ويندو آهي. سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندو آهي پر پاڪستان خاص ڪر?? بلوچستان ۽ ٻين جاين تي تازو ئي ٿيل واقعا مذمت جوڳ?? آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ احتجاج ته ڪيو ويندو آهي، پر ان احتجاج جا مقصد واضح ناهن هوندا ۽ مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت ڄاڻ?? تي ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئل?? آهن جن ۾ سڀ کان مٿي بجلي جي قيمتن جو مسئلو آهي ۽ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ٿورو وقت لڳندو. توانائي جي حوالي سان سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ واپاري خساري ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بلوچستان جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته مان پاڻ بلوچستان جو وڏو وزير رهي چڪو آهيان ۽ اتي جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان. هن چيو ته بلوچستان جي سرحد ??ن ملڪن سان ملي ٿي ان جي مسئلن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي هڪ سوال آهي ته پاڪستان اڄ انهن ??التن تائين ڪيئن پهتو آهي جڏهن ??ه ان مسئل?? تي سڀني کي گڏجي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.