اسلام آباد-31 جولاءِ (ا?? پي پي) قومي خوراڪ ?? تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ??يڪ??الاجي جي استعمال لاءِ ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن فصلن ج?? پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن ان راضپي جو اظهار پاڪستان جي زراعت جي تبديلي: چئلينجز وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ جديد زرعي ??يڪ??الاجيز جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن جو اهتمام پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊ?? پي آءِ) ۽ فيڊريشن آف ايوان صنعت ۽ واپار (ايف پ?? سي سي آءِ) گڏيل طور تي ڪيو هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان شعبي جي ترقي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد ??يڪ??الاجي ۽ جدتن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ايس ڊ?? پي آءِ ۽ ايف پ?? سي سي آءِ کي چيو ته هو آبادگارن جي تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قومي خوراڪ ?? تحقيق واري وزارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي ۽ زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ حڪومت نوجوانن کي جديد زرعي ??يڪ??الاجيز جي تربيت لاءِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.