اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آءِ پي پيز جو مسئلو سياسي نه آهي، هر ڪو چاهي ٿو ته بجلي س??تي ٿئي، ڪجهه ماڻهو بجلي جي مع??ملي کي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، وزيراعظم شهباز شريف مع??شي سڌارن جي ايجنڊا تي قائم آهي، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ڊسڪوز کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪيو ويندو. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ مصطفيٰ ڪمال تي ٻڌل ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بجلي جي بلن ۽ آءِ پي پيز جي حوالي سان مع??ملا غور هيٺ آيا. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سدا??ين حڪومت جي اتحادي جي طور تي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو جنهن تي ان جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته بجلي جو مع??ملو پوري قوم جو مع??ملو آهي، 2013ع ۾ جڏهن اسان جي حڪومت آئي ??ئي ته اسان 18، 18 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو، ان وقت وفاق ۽ پنجاب جي حڪومتن آر ايل اين جي جا سستا ترين بجلي جا پلانٽس هنيا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف مع??شي سڌارن جي ايجنڊا تي قائم آهي، وزيراعظم ايندي ئي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري جو اعلان ڪيو جنهن کانپوءِ قانون جي اندر اسٽيٽ اون انٽرپرائيزز ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ??ئي جنهن جي ذريعي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي پرائيويٽائيزيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته ڊسڪوز کي سياسي مداخلت کان پاڪ ڪرڻ ۽ پروفيشنل ۽ اهل ماڻهن کي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان قانون ۾ ترميم ڪئي ??ئي، ڊسڪوز جي پرائيويٽائيزيشن وقت سان گڏوگڏ ا??تي وڌي رهي آهي. هن چيو ته 200 يونٽ استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ بجلي جي صارفين کي ٽن مهينن جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي، اها وڏي رقم پي ايس ڊي پي جي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري سبسڊي جي مد ۾ ڏني وئي ته جيئن گرمين جي موسم ۾ عوام جي بجلي جا بل گهٽ اچن. هن چيو ته اوور بلنگ ۽ بجلي چوري جي حوالي سان پڻ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته بجلي جي بلن جي ادائيگي جي آخري تاريخ ۾ 10 ڏينهن جي توسيع ان جي لاءِ ڪئي ??ئي ته اوور بلنگ جي مع??ملن کي ڏسي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته آءِ پي پيز سياسي مسئلو نه آهي، هر دور ۾ آءِ پي پيز لڳندي رهي آهي پر مسئلو اهو آهي ته ان سڄي سسٽم کي ا??تي ڪهڙي طرح کڻي هلڻو آهي. هن چيو ته آءِ پي پيز جي مع??ملي تي اڳ ۾ ئي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، هر ڪو چاهي ٿو ته بجلي س??تي ٿئي. هن چيو ته وزيراعظم پهرين ڏينهن کان مع??شي سڌارن جي ايجنڊا تي ان لاءِ ڪاربند هو ته فسڪل اسپيس پيدا ڪيو وڃي ۽ بجلي س??تي هئي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن ان قومي نوعيت جي مع??ملي کي اجاگر ڪيو، حڪومت جي سمورن اتحادين جو گڏيل فرض آهي ته اهي پنهنجي پنهنجي راءِ ڏين ۽ ان حوالي سان پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻين ته جيئن عوام کي ريليف ملي سگهي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ان مع??ملي کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، ماضي ۾ ڪيترائي ??اڻهو اقتدار ۾ پڻ رهيا آهن، ان مسئلي تي مثبت رخ ۾ ڳالهه ڪرڻ گهرجي. تنقيد براءِ تنقيد نه، تنقيد براءِ اصلاح هجڻ گهرجي، ان قومي نوعيت جي مع??ملي کي گڏجي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم جي به اها ئي ترجيح آهي ته بجلي س??تي ٿئي ۽ حڪومت پهرين ڏينهن کان ان تي ڪم ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪڻڪ بحران جي حوالي سان ان وقت جي قومي غذائي تحفظ واري سيڪريٽري کي واپس او ايس ڊي بڻايو ويو، پاسڪو جي آفيسرن جي خلاف پڻ محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ??ئي. ري اسٽرڪچرنگ جي حوالي سان هن چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل جاري آهي، ملينڊا گيٽس فائونڊيشن جي ذريعي مڪينزي ڪارپوريشن ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن تي ڪم ڪري رهي آهي، ان تي پاڪستان حڪومت جو هڪ رپيو به خرچ نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ٽيڪس بيس کي وسيع ڪيو ويو آهي، فائيلرز جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، اٽڪل 49 لک فائيلرز جو انگ وڌيو آهي. هن چيو ته حڪومت پي ڊبليو ڊي جو ادارو بند ڪيو، پي ڊبليو ڊي ڪرپشن جو ڳڙهه هو، ان کي بند ڪرڻ سان ساليانو ڪيترائي سئو ارب رپين جي بچت ٿيندي، اهو انهي مع??شي سڌارن جي ايجنڊا جو حصو آهي جنهن تحت ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن ڪئي ??ئي ??ڃي. هن چيو ته رائيٽ سائيزنگ ۽ ڊائون سائيزنگ جي حوالي سان مع??ملا تيزي سان ا??تي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته چين جو وفد پڻ پاڪستان جي دوري تي آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته مع??شي سڌارن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته 2018ع ۾ اسان چار سيڪڙو مهانگائي ڇڏي ويا هئاسين، واڌويجهه جي شرح 6 سيڪڙو تي هئي، ان کانپوءِ چار سالن دوران ملڪ کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ويو، مهانگائي 23 سيڪڙو تي هلي وئي، 6 سيڪڙو جي واڌويجهه شرح گهٽ ٿي هڪ سيڪڙو تي اچي وئي، ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو پهتو ته چيو ويو ته آمريڪي سازش آهي، ملڪ ۾ نفرت ۽ تشدد کي هٿي وٺرائي ??ئي، ڪيترائي ??اڻهو ڊيفالٽ جي ڇاپ کان بچڻ جي لاءِ موڪل تي هليا ويا. هن چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته ملڪ ڊيفالٽ ٿي وڃي ها ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه، رستن تي ڦرلٽ ٿي رهي هجي ها، پاڪستان ۾ ٻاهر??ين ملڪ مان ايئرلائينز اچڻ بند ٿي وڃن ها، بئنڪن جي ٻاهران رقم ڪڍرائڻ جي لاءِ ماڻهن جون ڊگهيون قطارون لڳل هجن ها، پيٽرول جون قيمتون ايتريون وڌي چڪيون هجن ها جو پيٽرول قوت خريد کان ٻاهر ٿي وڃي ها، اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، اڄ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي گنجائش رکي وئي ??ئي ??ر ان کي نه لڳڻ ڏنو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي دور ۾ رپئي جي قدر ايترو مستحڪم هو جو برآمد ڪندڙن کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته ڪهڙي ريٽ تي برآمدات ڪرڻي آهي، ايل سيز کلڻ بند ٿي چڪيون هيون. هن چيو ته اسان ڊالر جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي کي روڪيو، روانگي واپار 28 ارب ڊالر مان 31 ارب ڊالر تا??ين پهچي چڪو آهي، اڄ رپيو مستحڪم آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت مع??شي سڌارن تي اڳ ۾ ئي ڪم ڪري رهي آهي، احتجاج مسئلن جو حل نه آهي، جماعت اسلامي جا اڳواڻ اسان جي لاءِ قابل احترام آهن، اسان سمجهون ٿا ته انهن سان اسان جو عزت ۽ احترام جو رشتو آهي، ڪالهه به حڪومت جي ٽ??ڪن??ڪل ڪميٽي جون جماعت اسلامي سان ڳالهيون ٿيون، جماعت اسلامي احتجاج ختم ڪري اسان سان مسئلن جي حل تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ گڏ ويهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف کي بنا گهرڻ جي ريليف ڏنو ويو. هن چيو ته آ??ين ۾ واضح آهي ته جيڪڏهن ڪنهن آزاد ميمبر کي ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻي آهي ته هو ٽن ڏينهن جي اندر شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ اي 63 لاڳو ٿيندو. سياسي پارٽين جي حوالي سان آ??ين به واضح آهي، ڪميٽي ۾ ان ۾ ڳالهه ٿيندي جڏهن اهو قانون جو حصو بڻجندو ته سامهون اچي ويندو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ اڳ ۾ چوندو هو ته ڇڏيندس نه، هاڻي هو چوي ٿو ته مون سان ڳالهه ڪريو، گارگند ۽ نفرت جي سياست باني پي ٽي آءِ جي منشور جو حصو آهي ۽ اهو سندس اندر ۾ گهر ڪري ويو آهي، مون سان ڳالهه ڪريو جي ايجنڊا سازشي ذهن جو فتُور آهي.