اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته 5 آگسٽ والاريل ڄم??ن ڪش??ير جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڀارت 2019ع ۾ ان ڏينهن تي غيرقانوني ۽ ه?? طرفو قدم کڻي ڪش??ير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. 5 آگسٽ تي دنيا آڏو نه رڳو ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو، پر ڪش??يرين تي ختم نه ٿيندڙ ظلم پڻ سڀني آڏو واضح ٿيو. پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته ڪش??يري عوام جي جدوجهد کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته ڀارت ڪش??يرين کان خاص حيثيت کسي انسانيت خلاف ڏوهه ۽ ڪش??يري قوم جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڪش??يري نوجوانن کي روزانو جعلي مقابلن ۽ هٿ ٺوڪين سرچ آپريشنن ۾ عدالت کان مٿانهان قدم کڻي کين شهيد ڪيو پيو وڃي. ڪش??يري قيادت قيد ۾ آهي، هن چيو ته والاريل ڄم??ن ڪش??ير دنيا جو سڀ کان وڏو کليل جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، ڀارت جا سمورا ظلم ان باوجود به ڪش??يرين جي آزادي واري جذبي کي گهٽائي نه سگهيا آهن. هن چيو ته والاريل ڪش??ير جو بحران عالمي برادري جي بي حسي جو نوحو آهي، عالمي برادري کي ڪش??يري عوام جي آوا?? تي جاڳڻو پوندو، انشالله ڪش??يري ڀائر ۽ ڀينرون آزادي جو سج ضرور ڏسندا. محسن نقوي چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪش??يري ڀينرن ۽ ڀائرن سان هر محاذ تي گڏ بيٺل آهي ۽ هر فورم تي سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي امداد جاري رکندي.