اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبناز شريف چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهيون، ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر ساليانو تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ واپار ۽ ڪسٽمز واري وزير ڊاڪٽر عمر بولات جي سربراهي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي اعليٰ سطحي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس مل??قا?? ڪئي. مل??قا?? ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، سردار اويس لغاري، پ??ڪس??ان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد پڻ شريڪ هو. ترڪ وفد ۾ ترڪيه جو ن??ئب واپار وارو وزير مصطفيٰ تزجو، TOBB جو ص??ر رفعت حصار جڪليوعلو، DEIK جو ص??ر نَيل اولپڪ، ترڪيه ڪنٽريڪٽر ايسوسيئيشن جو ص??ر ايردال ايرن، MUSIAD جو ص??ر محمود عصمالي، TUMSIAD جو ص??ر ريشار دوعان، ASKON جو ص??ر اورحان آئيدن، ترڪيه ايڪسپورٽر اسيمبلي جو ص??ر اتيله يرليڪايا ۽ ALBAYRAK هولڊنگ جو چيئرمين احمت البيراڪ سان گڏوگڏ پ??ڪس??ان ۾ ترڪيه جو سفير مهمت پاچاجي شامل هو. وزيراعظم ترڪ سيڙپڪارن جي وفد جي پ??ڪس??ان جي دوري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه ۽ پ??ڪس??ان جي عوام جي وچ ۾ مثالي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي صدين تي ٻڌل آهن. ترڪيه ۽ پ??ڪس??ان هڪ قوم ٻه رياست آهن. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان حڪومت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن جي فروغ جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان پ??ڪس??ان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري ڪاٿي کي موجوده سطح کان وڌائي ساليانو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ تي اتفاق ٿيو. واپاري ڪاٿي کي ساليانو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ هر قسم جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ترڪيه جي صدر کي جلد پ??ڪس??ان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پ??ڪس??اني عوام ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي پ??ڪس??ان جي دوري جي منتظر آهي. ترڪيه جي سيڙپڪار وفد جو دورو، پ??ڪس??ان ۾ ترڪيه جي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ خوش آئنده ثابت ٿيندو. مل??قا?? ۾ ترڪيه جي واپار واري وزير چيو ته 54 ترڪ سيڙپڪار ڪمپنين جي پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جو موجوده ڪاٿو 3.5 ارب ڊالر آهي. ترڪيه جي سيڙپڪارن پ??ڪس??ان ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ترڪ وفد 2023ع جي زلزلي ۾ پ??ڪس??ان پاران متاثر ترڪ ڀينرن ڀائرن جي ڀرپور امداد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.