??سل??م آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت ڪوآرڊينيٽر ڊا??ٽر مختار احمد ڀرٿ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جي ڪيسز جي حوالي سان صورتحال تسلي بخش آهي، سمورن هوائي اڏن ۽ گذرگاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي، پمز اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ??سل??م آباد عالمي هوائي اڏي جي دو??ي جي موقعي تي ڪيو. صحت واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق مختار احمد ڀرٿ ايم پاڪس جي انتظامن جي نگراني هو پاڻ ڪري رهيو آهي. هن گذريل ڏ??نه?? ??سل??م آباد ايئرپورٽ تي منڪي پاڪس جي نگراني جو جائزو ورتو. ايئرپورٽ تي بارڊر هيلٿ سروسز جي عملي ڊا??ٽر مختار احمد ڀرٿ چيو ته سمورن هوائي اڏن ۽ گذر گاهن تي اسڪريننگ ۽ نگراني جو موثر نظام موجود آهي. انٽرنيشنل هيلٿ ريگوليشنز جي سفارشن تي عمل کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ايم پاڪس جي صورتحال تسلي جوڳي آهي، اڳواٽ قدمن جي ڀرپور نگراني ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ??سل??م آباد ۾ پمز اسپتال ۾ آئيسوليشن وارڊ مختص ڪيو ويو آهي. صحت واري وزارت صورتحال تي گهري نظر رکي آهي. وفاق ۽ صوبا گڏجي سمورن ضروري قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته وبائن ۽ بيمارين کان عوام کي محفوظ رکڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.