اسلام آباد-22 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چي?? آهي ته بونا راست منصوبو اهميت وارو آهي، وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ معيشت بهتري طرف گامزن آهي، ملڪ ۾ ميڪرو استحڪام اچي رهيو آهي، پاڪستاني روپئي جو قدر مستحڪم ٿي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه بونا راست ڪنيڪٽيوٽي منصوبي کي لاڳو ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. اسان جو ڊجيٽل اڪنامي طرف وڌڻ سٺو سنئوڻ آهي، توانائي جي شعبي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن لاءِ پرعزم آهيون، بونا راست سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پنهنجي پيارن کي آساني سان رقم منتقل ڪري سگهندا. هن چي?? ته پاڪستان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام حاصل ڪيو ۽ سمورا معاشي اهڃاڻ مثبت رجحان ڏيکاري رهيا آهن، هن وقت ملڪ معاشي استحڪام جي مرحلي مان گذري رهيو آهي ۽ حڪومت سٺي اقتصادي بنياد سان پائيدار اقتصادي ترقي جي راهه طرف گامزن ٿيندي. هن چي?? ته سمورا اقتصادي اهڃاڻ پرڏيهي ذخيرن ۽ و??ڪرز جي رسد، پاليسي ريٽ، مٽاسٽا جي شرح، محصولن جي وصولي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سميت جاڙا خسارا مثبت وڃي رهيا آهن جي??ي ترقي طرف گامزن آهن، هن وڌيڪ چي?? ته پرڏيهي سيڙپڪارن جو پاڪستاني معيشت تي اعتماد وڌي رهيو آهي، محمد اورنگزيب چي?? ته اسان وٽ ٻن مهينن جو امپورٽ ڪور آهي ۽ ايڪسچينج ريٽ به مستحڪم آهي. هن چي?? ته گذريل ٻن مهينن دوران پرڏيهي ڪمپنيون ۽ امڪاني سيڙپڪار معيشت جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪري رهيا آهن، وزير چي?? ته حڪومت ڊجيٽل معيشت تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ معيشت جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي اسان مقامي معيشت کي دستاويزي بڻائڻ کي تر??يح ڏيون ٿا، هن چي?? ته حڪومت دانشمنداڻي معاشي پاليسين ۽ سڌارن ۽ انتظامي قدمن سبب ملڪ کي جولاءِ 2024ع جي آخري مهيني ۾ 3 بلين ڊلرن جو پرڏيهي ناڻو مليو. هن چي?? ته حڪومت ٽيڪس ۽ توانائي جي سڌارن کي تر??يح ڏني ۽ پائيدار اقتصادي ترقي کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارڊز ۾ سمورا ڍانچا جاتي سڌارا به شامل آهن. وزير چي?? ته بونا راست ڪنيڪٽيوٽي پراجيڪٽ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ هڪ مثالي منصوبو آهي، جي??و پئسين جي قانوني ڏي وٺ ۽ ملڪ ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ جو هڪ وڏو ذريعو به آهي، هن چي?? ته پاڪستان سعودي عرب جي حڪومتي ويزن 2030ع جي به توثيق ڪئي آهي ۽ پاڪستان ۾ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ هن اقتصادي ويزن مان سبق سکيو آهي. بونا سرحد پار ادائيگي جو نظام آهي جي??و عرب ريجنل پيمنٽس ڪليئرنگ اينڊ سيٽلمينٽ آرگنائيزيشن ذريعي هلايو ويندو آهي، جنهن جي ملڪيت دي عرب مانيٽري فنڊ وٽ آهي. بونا جو مقصد عرب خطي ۽ ان کان ٻاهر مالياتي ادارن ۽ مرڪزي بئنڪن کي مقامي ڪرنسي سان گڏوگڏ اهم عالمي ڪرنسين ۾ محفوظ، لاگت کان موثر، خطري تي ضابطو آڻيندڙ ۽ شفاف ماحول ۾ ادائيگيون موڪلڻ ۽ و??ول ڪرڻ جي قابل بڻائڻ آهي. بونا شرڪت ڪندڙن کي ادائيگي جو جديد حل پيش ڪري ٿو جي??و عالمي معيارن، اصولن ۽ تعميل جي گهرجن جي تعميل ڪري ٿو.