اسلام آباد-24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي پنهنجي سر زمين تان زبردستي بيدخلي ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ سا?? واڳيل انساني معاملن تي گڏيل قومن جي اداري (او سي ايڇ اي) جي تازي ر??ورٽ تي عالمي برادري کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي ر??است کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو. عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن.وزيراعظم ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومون جي تازي ر??ورٽ خوفناڪ ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي جي اسرائيلي ڏوهه جو تازو ثبوت آهي. گڏيل قومن جي ر??ورٽ شاهدي ڏئي ر??ي آهي ته ڪو به ڏي??هن اهڙو ناهي جنهن ۾ بي گناهه فلسطينين جو رت نه وهايو ويو هجي. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي ر??ورٽ ٻڌائي ر??ي آهي ته اسرائيل جو سڀ کان وڏو نشانو فلسطيني ٻار بڻجي ر??يا آهن، صاف نظر اچي ر??يو آهي ته اسرائيل فلسطينين جو نسل ختم ڪري ر??يو آهي. هن چيو ته فلسطينين جي نسل ڪشي جو سلسلو شروع ٿئي 322 ڏي??هن گذري ويا آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ اڍائي لک فلسطينين جي سندن گهرن مان زبردستي بي دخلي عالمي ادارن، عالمي ضمير ۽ عالمي قانون لاءِ چئلينج آهي. وزيراعظم چيو ته صرف ٻن ڏي??هن ۾ 146 فلسطينين کي پنهنجي گهرن مان ناحق بي دخلي سا?? اسرائيل جي ظلم جي ر??تار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي اداري جي ر??ورٽ مان تصديق ٿئي ٿي ته هڪ پاسي خطرناڪ هٿيارن سا?? فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي ته ٻئي پاسي بک کي هٿيار طور استعمال ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اتر غزه ۾ صرف هڪ سيڪڙو ۽ ڏاکڻي علائقي ۾ چار سيڪڙو ٻارن کي خوراڪ ملي ر??ي آهي، اسرائيل هوائي، زميني ۽ سا??ونڊي رستي باهه ۽ بارود وسائي عام فلسطينين جي قتل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته انسانيت خلاف ڏوهه ڪندڙ اسرائيلي ر??است کي ڪٽهڙي ۾ نه بيهاريو ويو ته عالمي ادارو پاڻ ڪٽهڙي ۾ بيٺل هوندو، عالمي ادارن جون رپورٽون اسرائيل خلاف سنگين فرد جرم آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انسانيت جي قاتلن کي سزا ڏني وڃي، مظلومن جو تحفظ ڪيو وڃي، پاڪستان فلسطينين خاص طور تي ٻارن لاءِ خوراڪ جي فراهمي کي وڌيڪ تيز ڪندو.